حديقه ڪياني

حديقه ڪياني

حديقه ڪياني

حديقه ڪياني: اردو جي مشهور پاپ گلوڪاره، شاعره ۽ سماجي ڪارڪن حديقه ڪياني ڌيءَ خاور 11 آگسٽ 1974ع تي راولپنڊيءَ ۾ ڄائي. هن 1995ع کان ڳائڻ جي شروعات ڪئي. سندس پهريون البم ’راز‘ انٽرنيشنل اوارڊ لاءِ چونڊيو ويو.. هيءَ ٽن سالن جي هئي ته سندس والد وفات ڪري ويو، سندس ماءُ هڪ مقامي اسڪول جي پرنسپال هئي. هن کي ننڍي هوندي کان ئي ڳائڻ جو شوق هو. ماءُ سندس شوق کي ڏسي کيس پاڪستان نيشنل ڪائونسل آف آرٽس ۾ داخل ڪيو. سڀ کان اول هن ’لياقت ميموريل پنڊي هال‘ ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو.
حديقه ڪياني پهرين پي. ٽي. وي تي ٻارن جي پروگرام ’آنگن آنگن تاري‘ جي ميزباني ڪئي. هن ٻارن لاءِ ڪيترائي گانا ڳايا. هن 1999ع ۾ فلم ’سرگم‘ جي لاءِ گانا ڳايا. 1994ع ۾ فلم ’سرگم‘ تي کيس اوارڊ مليو، 1995ع ۾ ’اين. ٽي. ايم ويورز چوائس اوارڊ‘ ۾ بهترين پاڪستاني گلوڪاره جو اوارڊ حـاصـل ڪيـائين. 1996ع ۾ هـن جـو الـبـم ’راز‘ رلـيـز ٿيو، جـنهـن جـون لاتـعـداد ڪـئسـٽون وڪـرو ٿيـون. 1997ع ۾ فرسٽ ايشين گلوڪارا ’Brithish National Lottory‘ جي سري سان ٿيل پروگرام جي موقعي تي لائيو ڳايائين. 1999ع ۾ هن جو ٻيو البم ’روشني‘ رليز ٿيو. 2000ع ۾کيس پي. ٽي. وي ورلڊ پاران اوارڊ مليو. 2001ع ۽ 2005ع ۾ هن بهترين پوپ گلوڪاره جو’انڊس ميوزڪ‘اوارڊ حاصل ڪيو. 2007ع ۾ هن جو انگريزي البم ’Rough Cut‘ رليز ٿيو. هيءَ ڪئناڊا، برطانيا، مشرق واسطيٰ، آسٽريليا، ناروي، بلغاريه ۽ ترڪي ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري چڪي آهي. حديقه ڪياني هن وقت لاهور ۾ رهي ٿي.


لفظ حديقه ڪيانيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1974.08.11  عيسوي

اردو جي مشهور پاپ گلوڪاره، شاعره ۽ سماجي ڪارڪن حديقه ڪياني ڌيءَ خاور 11 آگسٽ 1974ع تي راولپنڊيءَ ۾ ڄائي.



راڳي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

استاد گامڻ خان
سيد احمد شاهه
بشير احمد سولنگي
شهنيلا علي
استاد منظور علي خان
الهڏنو نوناري
فائزا علي
ڇوٽي غلام علي خان
استاد ڪريم بخش خان
ڌمالي فقير
راڳي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون